تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** لطف سيال **

لطف سيال : شاعر لطف سيال جو پورو نالو لطف الله ولد گل حسن سيال آهي. سندس جنم 2 فيبروري 1975ع تي، ضلعي نوشهري فيروز جـي ڳــوٺ حـسيـن بخـش سيال ۾ ٿيو. هن مڪينيڪل انجنيئرنگ، ايل. ايل. بي، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايم. اي (سوشيالاجيءَ) جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ وڪالت جي شعبي سان وابسته آهي. هن شاعريءَ جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. سندس شاعري سنڌ جي اڪثر رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون آهن، اخبارن ۾ ڪالم به لکيا آهن. لطف سيال قائدعوام يونيورسٽي نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ’يونيورسٽي مخزن‘ جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر، پير وسڻ مان نڪرندڙ رسالي ’ڏيئو‘ جو سب ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. ڪافي عرصو صحافت سان به وابسته رهيو ۽ ڪاوش گروپ جي انگريزي اخبار ’دي مرر‘، روزاني ’شام‘ جو رپورٽر، روزاني ’هلچل‘ اخبار جو ضلعي رپورٽر ۽ انگريزي رسالي ’انڊس‘ جو ضلعي رپورٽر رهي چڪو آهي. لطف سيال جي شاعريءَ جو مجموعو ’چنڊ، صنم ۽ شاعري‘ جي نالي سان 2001ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. لطف سيال سنڌي ادبي سنگت شاخ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھه جو بنيادي ميمبر ۽ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.....وڌيڪ پڙهو